پيرل ٿيٻي وارو قلمي رسالو اڻپورو

پيرل ٿيٻي وارو قلمي رسالو ( اڻپورو ):شاهه جي رسالي جو سر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ هيءُ قلمي نسخو 1373هه/1953ع ۾ قلمبند ٿيو ، جيڪو هن وقت اڏوهي کاڌل اڻپوري ۽ زبون حالت ۾ آهي . مسودي جا شروع ۽ آخر جا ورق ۽ ڪي وچ مان ورق ضايع ٿي ويل آهن . باقي بچيل ورق به مٿان ۽ هيٺان کاڌل آهن ، جن ۾ 28 سرن جا ڪي بيت ۽ وايون شامل آهن . ڪتاب ۾ هر هڪ سر جي آخر ۾ ان سر ۾ شامل بيتن ۽ واين جو تعداد ڄاڻايو ويو آهي . باقي بچيل 28 سرن ۾ ڪاتب جي لکت موجب 3970 بيت ۽ 290 وايون شامل آهن ( ليڪن اڏوهيءَ جي کاڌ سبب صحيح ثابت بيتن ۽ واين جو تعداد ٿورو بچيو آهي ) . هيءُ پوئين دؤر جي گهڻن بيتن ۽ گهڻن داستانن وارو رسالو آهي . هن ۾ سرن جي ترتيب ساڳي بمبئي ڇاپي واري آهي ، پر هر هڪ سر ۾ هڪ ته بيتن جو تعداد گهڻو آهي ، ٻيو ته اهي بيت مختلف مضمونن مطابق گهڻن داستانن ۾ ورڇيا ويا آهن . مثال طور: بمبئي ڇاپي ۾ سُر معذوري 7 داستان ، مومل راڻو 18 داستان ۽ مارئي 39 داستانن ۾ ورڇيل آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو